ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميرا جي صدارت ھيٺ اجلاس

اجلاس ۾ عورتن کي چونڊ عمل جي اهميت ۽ جمهوريت ۾ سندس فعال شرڪت تي تفصيلي روشني وڌي وئي

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميرا جي صدارت ھيٺ اجلاس

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميرا بنتِ معاذ جي صدارت ھيٺ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جو اھم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ مقررين پاران عورتن کي چونڊ عمل جي اهميت ۽ جمهوريت ۾ سندس فعال شرڪت تي تفصيلي روشني وجهندي چيو ته هر عورت جو ووٽ نه رڳو سندس آئيني حق آهي، پر هڪ مضبوط جمهوريت لاءِ تمام ضروري پڻ آهي. ان کان علاوہ ووٽر رجسٽريشن، ووٽنگ جي طريقيڪار ۽ شهري حقن تي پڻ روشني وڌي وئي. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيدہ حميرا بنت معاذ چيو تہ عام ووٽرن کي ووٽ جي اهميت ۽ افاديت بابت آگاهي ڏيڻ هر شهري جي ذميواري آهي، عورتن کي چونڊ عمل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڊي وي اي سي جي سمورن ميمبرن کي مختلف فرقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ذريعي شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي ته جيئن عورتن کي ووٽر طور رجسٽرڊ ڪرائي چونڊ عمل جهڙي قومي فرض ۾ شامل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ضلعي ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ڪردار، اليڪشن ڪميشن پاران عورتن جي رجسٽريشن کي وڌائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ووٽنگ جي اهميت بابت آگاهي پروگرام، سيمينار، گڏجاڻيون، عورتن، کدڙن، معذورن ۽ اقليتن جي رجسٽريشن مهم، شاگردن لاءِ ووٽر آگاهي پروگرام، چونڊ عمل ۾ صنفي برابري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي پيغام کي عام ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ پولنگ ڪرائڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ ووٽ جي داخلا، منتقلي ۽ درستگي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا آفيس ٺٽو زاھد قاضي، پرنسپال اسپيشل ايجوڪيشن اعجاز احمد سولنگي، انچارج سيد ھائوس وومين ڊيولپمينٽ مڪلي خورشيدي اقبال، جينڊر فوڪل پرسن سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن حميرا علي، فوڪل پرسن ايم سي او اينڊ جي ايس آئي ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي ٺٽو نعمان احمد عيساڻي ۽ نوجوانن، شاگردن، خواجه سرا ۽ معذورن شرڪت ڪئي.