ن ليگ پاڪستان توڙي عوام جي خدمت لاءِ جاکوڙي رھي آھي: ايم اين اي نيلم ڪماري

ن ليگ پاڪستان توڙي عوام جي خدمت لاءِ جاکوڙي رھي آھي: ايم اين اي نيلم ڪماري

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي ميرپورخاص پاران مسلم ليگ ن جي اقليتي ايم اين اي نيلم ڪماري ايڊووڪيٽ کي سپريم ڪورٽ پاران ٻيھر بحالي تي سندس مان ۾ مقامي ھال ميرپورخاص ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو آرگنائيزر فوڪل پرسن ڪامران علي جٽ ھو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي نيلم ڪماري چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن وفاق جي علامت آهي ۽ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان توڙي عوام جي خدمت لاءِ جاکوڙي رھي آھي، پاڪستان مسلم ليگ ن اقليتي برادري کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو آهي ۽ سندن نمائندگي ۽ کين درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنڌ مان کيئلداس ڪوھساني ۽ مونکي اقليتن واري مخصوص سيٽ تي ايم اين طور چونڊيو ويو آهي. ھن چيو ته منھنجي ايم اين اي طور بحالي تي آئون پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراھ ميان نواز شريف ، مريم نواز شريف ۽ ميان شھباز شريف جي ٿورائتي آهيان جن مون تي اعتماد ڪندي مخصوص سيٽ تي اعزاز بخشيو ۽ آئون انشاء الله سندن اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس ھن چيو ته منھنجي آڏو مينارٽي ۽ ميجارٽي معني نه ٿي رکي، مونکي پارٽي ورڪرن جي ضرورت آھي ۽ اسان اھڙو ڪم ڪري وڃون تہ جيئن مسلم ليگ ن جو نالو ھميشه عوام ۾ ھميشه ياد رکيو وڃي. ھن چيو ته مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۾ اھو تاثر پکڙيل آهي تہ مسلم ليگ ن جي سنڌ ۾ ڪابه نمائندگي، حيثيت ۽ ڪارڪردگي ناھي اگر مسلم ليگ ن سنڌ ۾ نه ھجي ھا ته آئون ايم اين اي۽ کيئل داس ڪوهستاني وفاق ۾ وزير طور نه ھجون ھا. ھن چيو ته مسلم ليگ ن جي ورڪرن فيملي طور ھئڻ گھرجي ۽ ھڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ بجاءِ پاڻ ۾ پنھنجا ذاتي اختلاف ختم ڪري متحد ٿي پارٽي کي مضبوط ڪريون، پارٽي آھي ته اسان آھيون. ھن عوامي شڪايتن تي چيو ته حيسڪو واپڊا پاران ميرپورخاص ۾ 12 ڪلاڪن جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنھن سان ھتان جي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ھن چيو ته ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف ۽ وفاقي وزير محمد اويس لغاري سان ڳالهائيندس جڏھن ته صحافين کي ھيلٿ ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ سان ملاقات ڪري کيس ھيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي ويندي. ان کان اڳ فوڪل پرسن ڪامران علي جٽ تمام آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته نيلم ڪماري ايڊووڪيٽ جون اقليتي برادري جي لاءِ ڪيل خدمتون ساراھ جوڳيون آهن ۽ ھو ھميشه عوام جي دلين جي ترجماني ڪندي آھي جڏھن ته ڪمپيئرنگ جا فرائض ناليواري اديب ۽ سماجي اڳواڻ پارومل پريمي ۽ رفيق مغل انجام ڏنا تقريب دوران پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر مسعود وساڻ، ضلعي صدر سيد مظهر حسين شاھ، فوڪل پرسن ڪامران علي جٽ، ليڊيز ونگ جي جنرل سيڪريٽري شگفتہ ناز آرائين، سٽي جي صدر بدرالنساء، اديب پارومل پريمي، تعلقي شجاع آباد جي صدر احسان علي آرائين، سيد تيمور شاھ، ھمير ميگھواڙ، اسماعيل مھر، رفيق مغل ۽ ٻين ايم اين اي نيلم ڪماري کي اجرڪون، لنگي، گلن جا هار پارايا ۽ گلدستو پيش ڪيو. تقريب ۾ نيلم ڪماري جي والد موھن لال موتياڻي، ڀمر لال، چوڌري جاويد گل، سيد لياقت علي شاھ، ضلعي، تعلقن جي پارٽي عھديدارن، ورڪرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.