نواب خان مري زمينن تي قبضو ڪري هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي: مظاهرين
نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ سهراب مري جي رهواسي مري برادري جي ماڻهن جو وڏيري نواب خان مري ۽ سندس مائٽن جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج جاري آهي ڳوٺاڻن 16 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو جن جي اڳوڻي اعجاز علي مري، بشير احمد مري، غلام شبير مري، سڪندر علي مري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ جو بااثر وڏيرو نواب خان مري سندن زمينن تي قبضو ڪري هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن جيڪا اسان غريبن سان وڏي زيادتي آهي جنهن خلاف گذريل 16 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪوبه عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيو ته زمينن به اسانجي تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ ڪوڙا ڪيس به اسان تي داخل ڪيا ويا آهن زمين جا سمورا ڪاغذ موجود آهن پر ان جي باوجود قبضا مافيا خلاف قدم نه ٿو کنيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته بااثر قبضا مافيا جي سرواڻ نواب خان مري خلاف قدم کڻي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي
0 تبصرے