ڪراچي جي صحافي نور محمد ڪلهوڙو جو سئوٽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مڙهه مٽي ماء حوالي

ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، نائب صدر ارشاد کوکر، سهيل افضل، اڳوڻي صدر سعيد سربازي، مشتاق سهيل ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي جي صحافي نور محمد ڪلهوڙو جو سئوٽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مڙهه مٽي ماء حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي صحافي نور محمد ڪلهوڙو جو سئوٽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مڙهه مٽي ماء حوالي، صحافين پاران ڏک جو اظهار، تفصيل موجب ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي گورننگ باڊي جي ميمبر نور محمد ڪلهوڙو جو سئوٽ زاهد ڪلهوڙو جيڪو گذريل آچر جي ڏينهن حيدر آباد ۾ پنهنجي جي او آر ڪالوني گهر کان صبح جو 8 وڳي ڌاري واڪ جي لاء نڪتو هو شام تائين واپس نه اچڻ تي گهر ڀاتين پاران سول اسپتال سميت مختلف اسپتالن، ٿاڻن ۽ ايڌي سينٽر تان رات دير تائين ڳولا ڪئي پر ڪٿي ڏس پتو نه ملي سگهيو، جڏهن ته 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد 28 جولائي سومر ڏينهن صبح جو پوليس فون ڪري اطلاع ڏنو ته زاهد ڪلهوڙو جو لاش لاوارث حالت ۾ ٿڌي سڙڪ اسٽيٽ بينڪ سامهون ٻوڙن مان هٿ آيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته دل جو دورو پوڻ سبب زاهد ڪلهوڙو فوت ٿي ويو، زاهد ڪلهوڙو جو مڙهه بابن شاهه قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، مٽ مائٽ ۽ دوست شريڪ ٿيا، ٻئي طرف ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، نائب صدر ارشاد کوکر، سيڪريٽري سهيل افضل ۽ گورننگ باڊي ميمبر، اڳوڻي صدر سعيد سربازي، مشتاق سهيل، عبدالرحمان، اڪبر جعفري، ماجد سنديلو، نصرا الله جمالي، رياض ابڙو. سهيل پيرزادو، وحيد گل ميمڻ، يونس مهر، آفاق ڀٽي, بالاچ شاهاڻي ۽ ٻين تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.