زھريلي پاڻي سبب ڳوٺ جو نوجوان ڊاڪٽر دين محمد سالار جان جي بازي هارائي چڪو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڳوٺ محمد حاصل سالار جي سرڪاري واٽر سپلائي اسڪيم مان ملندڙ پاڻي پيئڻ لائق ناهي، پر انساني صحت لاءِ زهر آهي. پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (PCSIR) ڪراچي جي رپورٽ پاڻي کي مضر صحت قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سان ڳوٺاڻن ۾ سخت ڳڻتي ڇانيل آهي.هن زھريلي پاڻي سبب ڳوٺ جو نوجوان ڊاڪٽر دين محمد سالار جان جي بازي هارائي چڪو آهي، جڏهن ته ڪيترائي رهواسي مختلف موضي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جي ڀاءُ سليم سالار پاران الزام هنيو ويو آهي ته واٽر اسڪيم ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن باوجود چونڊيل نمائندن خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جن کي ڪيترائي ڀيرا دانهن ڏني وئي، پر بغض، تعصب ۽ ڪرپشن سبب ڪا به ڪرايئي نه ڪئي هن وڌيڪ چيو ته، اڄ به مان ۽ منهنجا ڳوٺاڻا قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون، پر هتي جا نمائندا پاڻ کي بي خوف گهمي رهيا آهن، کين نه عوام جي تڪليف جو احساس آهي، نه ئي ڪنهن جو خوف.ڳوپاڻن عمطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي واٽر سپلائي اسڪيم جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي، ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ ڳوٺاڻن کي صاف، محفوظ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن
0 تبصرے