نواب مري زمينن جا کاتا تبديل ڪرائي ڇڏيا آهن: مظاهرين جو الزام
نوشھرو فيروز(رپورٽر) اڄ 15ڏينھن به ڳوٺ سھراب مري جي ڳوٺاڻن جو ڳوٺ جي وڏيري نواب مريء جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو بشير مري ۔اعجاز مري ۔نظير مري ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ ريلي پبلڪ پارڪ کان ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڊي سي آفيس پھتي جتي سخت نعري بازي ڪندي ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته فورن سھراب مري تپيدار ۔اسٽنٽ مختيار ڪا قادر داد مري کي ھٽائي قبضا خور نواب مريء کي گرفتار ڪيو وڃي انھن جمعي جي نماز ب روڊ تي شاماياناھڻي پڙھي جنھن ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي بشير مير چيو ته اسان 15 ڏينھن کان سراپا احتجاج آھيون پر انتظاميا ۽ چوڊيل نمائندن جي ڪن تي جون ب ڪان ٿي سري اسان ٻن ڏينھن کان پوء زرداري ھائوس نواب شاه وينداسين اتي به مسئلو حل نه ٿيو ته پومء 14 آگسٽ تي اسان ڊي سي آفيس جي گيٽ تي پاڻ ساڙينداسين ان جي ذميواري ڊي سي ۽ قبضاخور ڊان گولو نواب مري ۽ ان جو ڀاء تپيدار سھراب ڀائٽيو قادرداد۔نثار مري ھوندا۔
0 تبصرے