ڏوڪري کان مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ کنڊر بڻيل، رهواسي عذاب ۾ مبتلا

ڳجھڙ،پيربخش بروهي،ڪسر ڳوٺ کان ٽاٽڙي،ويھڙ،عالماڻي ۽ ٻيا روڊ ورهين کان اکڙيل

ڏوڪري کان مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ کنڊر بڻيل، رهواسي عذاب ۾ مبتلا

ڏوڪري ( اطهر ميمڻ)تعلقي ڏوڪري جا ڪيترائي ڳوٺن جا روڊ رستا ٺھي نه سگهيا.حادثا روز جو معمول،ڪيترائي لنڪ روڊ ٽٽل،منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو،ڳجھڙ،پيربخش بروهي،ڪسر ڳوٺ کان ٽاٽڙي،ويھڙ،عالماڻي ۽ ٻين روڊن جي حالت ساڳئي برقرار ڳوٺاڻن جو احتجاج تفصيل موجب تعلقي ڏوڪري جي اڪثر روڊن جي حالت کنڊرات ۾ تبديل،ڏوڪري جي اهم روڊن رستن جي تباه حال حالت سبب روزانو حادثن جو ماڻهو شڪار ٿين ٿا جڏھن ته ماڻهو ضلعي انتظاميه ۽ حڪمرانن کي پٽون پاراتا ڏيندا رهن ٿا.پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ ۾ 15 سالن کان سنڌ حڪومت ۾ رهي آھي،هنن جي پنهنجي دور حڪومت ۾ ترقياتي ڪم ڪٿي ٿيا آھن ته ڪٿي ڪم زيرو ٿيا آھن،جڏھن ته ڪيترائي ڳوٺن جا لنڪ روڊ ٽٽل آھن،شھرين پاران مختلف وقتن تي احتجاج به ڪندا رهيا،پر ڪو به داد فرياد ٻڌڻ وارو ناهي.جڏھن ته تعلقو ڏوڪري 2 لک کان مٿي آبادي رکندڙ شھر آھي،جنهن ۾ 2 ٽائون ڪاميٽي 10 يونين ڪائونسلن تي هي تعلقو ڏوڪري آبادي وارو وڏو شھر آھي.جتي شھري ننڌڻڪا آھن ۽ هڪ به روڊ رستو ٺھيل ناهي،جڏھن ته منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو،ڏوڪري شهر جي اهم روڊن رستن جي حالت خراب کنڊرات ۾ تبديل جي ڪري روزانو ناهموار روڊ رستا هجڻ سبب حادثا درپيش اچي رهيا آھن.جنهن ڪري ڏوڪري شهر ۽ ڀرپاسي جي رهندڙ ڳوٺاڻا حڪمرانن ۽ لاڙڪاڻو انتظاميه جي مسلسل ڪن لاٽار ۽ ترقياتي ڪمن ۾ ڪو به شهر جي ڀرپاسي جو روڊ رستو باقي محفوظ ناهي رهيو،جتي ڏوڪري تعلقي جي عوام سک سان گهمي ڦري سگهي جيڪڏھن شھري پنهنجي ڪمن ڪارين سان ٻاهر نڪري رهيا آھن ته اهي پنهنجي منهن تي ماسڪ ٻڌي پوء ٻاهر نڪري رهيا آھن ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽرن مطابق گندگي سان ڀريل ڌوڙ ۽ گندي مٽي ڏوڪري شهر جي عوام کي سهڪي جو مريض بڻائي ڇڏيو آھي ۽ ڪيترائي ٻار نوجوان ۽ پيرسن اسپتالن حوالي ٿي چڪا آھن ان موقعي تي بلاول سانگهرو.رڪ سنڌي.اڪيل جوڻيجو.صدام سانگھرو.سرتاج خاصخيلي.سرمد خاصخيلي.ثاقب خاصخيلي. علي ڏنو سانگھرو.فرمان حمزہ. فيضان سانگھرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته تعلقي ڏوڪري ۾ ترقياتي ڪم زيرو آھن،هنن چيو ته پ پ جي مسلسل حمڪمراني هجڻ باوجود تعلقي ڏوڪري ۾ پنڌرهن سالن کان روڊ رستا تباه ٿيل آھن.هنن چيو ته اسان مختلف وقتن تي احتجاج به ڪيا آھن پر هتي اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي،هنن چيو ته هاڻي ٻيهر ووٽن لاء اسان وٽ ضرور ايندا انهن حڪمرانن کان ضرور ان وقت پڇاڻو ڪيو ويندو.هنن پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد ڏوڪري تعلقي ۾ روڊن رستن جي حالت بهتر بڻائي وڃي ۽ شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.