English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج
43 views
|
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
فزيڪل، رٽن ۽ ٻين مرحلن ۾ ڪاميابي سان پاس ٿيڻ باوجود آفر آڊر نٿا ڏنا وڃن: اميدوار
نوشھرو فيروز(ڊ ر) سنڌ پوليس SPD-01 ۾ پاس ٿيل اميدوارن پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو، جتي مظاھرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ميرٽ تي آفر آڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي عتيق الرحمان وسطڙو، عدنان احمد، اسد رند، ارسلان پيرزاده، احسان شاهه، سھيل احمد، عدنان ملڪ، اويس پنھور، ساحل وسطڙو ۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فزيڪل، رٽن ۽ ٻين مرحلن ۾ ڪاميابي سان پاس ٿيا آهيون، ان باوجود اسان کي آفر آڊر نٿا ڏنا وڃن.انهن ٻڌايو ته ڪالھ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پرامن احتجاج دوران پوليس نوجوانن مٿان لاٺي چارج ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو، جيڪو سراسر زيادتي آهي مظاھرين وڌيڪ چيو ته اسان جي عمر به وڌي رهي آهي ۽ هاڻي اسان اور ايج ٿي رهيا آهيون، جنهن سبب اسان جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي. هنن چيف منسٽر سنڌ، گھرو وزيرسنڌ ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ويٽنگ لسٽ ۾ موجود سڀني پاس ٿيل اميدوارن کي جلد آفر آڊر جاري ڪيا وڃن، جيئن نوجوانن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ مظاهرين پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ ۽ احتجاجي ڪال ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
سنڌ پوليس
اميدوار
0 تبصرے