ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي، 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 8 ڏينهن کان بجلي بند، پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا تفصيل موجب گڏاپ جي مختلف علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي لاپرواهي سبب گذريل 8 ڏينهن کان بجلي جي بندش جاري آهي جنهن سبب سوين ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ روزگار جي تباهي سبب سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن بجلي جي بندش کان متاثر ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد گڏاپ سٽي روڊ تي نڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ ڪونڪر، بنديجا اسٽاپ، فقير محمد ڳوٺ، گاجان ڳوٺ سميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي شريڪ ٿيا۔ مظاهرين ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته هو پابندي سان بجلي جا بل ڀرين ٿا، ان جي باوجود کين 8 ڏينهن کان بجلي کان محروم رکيو ويو آهي، جيڪو زيادتي ۽ انتظامي نااهلي جو کليل مثال آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بجلي بند هجڻ ڪري نه صرف سندن ڪاروبار متاثر ٿيو آهي، پر واٽر سپلاءِ اسڪيمون به بند پيل آهن، جنهن سبب پيئڻ جو پاڻي به ناياب ٿي ويو آهي، ۽ علائقي واسي سخت عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن۔مظاهرو ڪندڙن حڪومت سنڌ ۽ وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي بحال ڪري رهواسين کي عذاب مان نجات ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ موٽر وي بند ڪرڻ سميت سخت قدم کنيا ويندا۔
0 تبصرے