نوجوان نسل جي شعوري واڌ، تعليم ۽ خانداني منصوبابندي ئي مسئلي جو حل آهي: سليم جي ميمڻ ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ھينڊز ڪميونٽي مڊوائيفري اسڪول جام ڪنڍھ پاران ورلڊ پاپوليشن ڊي 2025 جي حوالي سان بيداري سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ مختلف سماجي، تعليمي ۽ صحت جي شعبن سان واسطو رکندڙ معزز مھمانن شرڪت ڪئي تقريب جي خاص مهمانن ۾ ھينڊز پاڪستان جي پروگرام مينيجر سنبل رانا، ھينڊز ڪراچي رورل جو ريجنل مينيجر خليل واڍيلو، ھينڊز جام ڪنڍھ اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر رضوان بلوچ، اسڪول جي پرنسپال ميڊم حميده نور، پيپلز پيراميڊيڪل ونگ ضلع ملير جي صدر سليم جي ميمڻ ۽ پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جا ذميوار شامل ان موقعي تي ريجنل مينيجر خليل واڍيلو، مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي ھينڊز پاڪستان جي خدمتن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.ان موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين پاران تقريري، پريزنٽيشن، ۽ رول پلي ذريعي آباديءَ ۾ واڌ، محدود وسيلن، خانداني منصوبابندي، ۽ عورتن جي صحت بابت اهم موضوعن تي روشني وڌي ان موقعي تي سليم جي ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ھينڊز پاڪستان شروعاتي طور صرف ضلع ملير تائين محدود هئي، پر اڄ اها پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ تعليم، غربت جي خاتمي ۽ خاص طور صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنبل رانا آباديءَ جي تيزي سان واڌ بابت ڳالھائيندي چيو ته نوجوان نسل جي شعوري واڌ، تعليم ۽ خانداني منصوبابندي ئي مسئلي جو حل آهي.ڊاڪٽر رضوان بلوچ آباديءَ جي موجوده تيز رفتار واڌ کي ملڪ لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏھن سنجيدگيءَ سان منصوبا بندي نه ڪئي ويئي ته مستقبل ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.آخر ۾ اسڪول جي پرنسپال ميڊم حميده نور مهمانن جو ٿورو مڃيو
0 تبصرے