ٺٽو: درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ شروع
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) حضرت درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو ٺٽي شھر کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف درگاھ ستين جي آخري آرام گاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، جنھن ۾ مختلف ورائٽي پروگرامن سان گڏ ملھ ملاکڙو شيدو خليفو، اميربخش شيدي، عنايت خاصخيلي، متارو شيدي، سارنگ موسي ملاح، ساگر موسي ۽ بين جي نگراني ۾ جاري رھيو، جتي ميلي جو افتتاح صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي درگاھ جي خليفن محمد انور شيخ ۽ ٻين سان گڏ درگاھ تي چادرون چاڙھي دعائون گھرڻ سان ڪيو، جڏھن تہ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي شروع ٿيل ملھ ملاکڙي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جتي ملھ پھلوانن خان بھادر شورو، غلام نبي شيدي، نديم ملاح، عرفان شاھ، شعيب چاچڙ، دادلو شيدي، شاھجھان شورو، نصرالله شيدي، لڏو شيدي ۽ ٻين ملھون ماري خوب داد حاصل ڪيو، جن کي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد اظھار شاھ شيرازي، سيد محمد شاھ شيرازي، غلامي ھنڱورو، سارنگ موسيٰ، ساگر موسيٰ، وڏيرو حمير سرڪي، پريس ڪلب ٺٽي جي صدر اقبال جاکرو، صحافي محمد ايوب ملاح، رحمت الله ڇٽو، رشيد جاکرو ۽ ٻين کين انعام ڏيئي سندن حوصلاافزائي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي صوبائي وزير اوقاف، زڪوات، عشر ۽ مذهبي معاملات سيد رياض حسين شاهه شيرازي ڳالھائيندي چيو ته ملاکڙو سنڌ جي قديم، تاريخي ۽ قابلِ فخر ثقافتي سڃاڻپ آهي، جيڪو صدين کان اسان جي تهذيب، روايتن ۽ ٻهراڙيءَ جي ثقافت جو اهم حصو رهيو آهي، هيءَ رڳو هڪ راند نه، پر سنڌ جي عوام جي بهادري، جسماني طاقت، مهارت، برداشت ۽ روايتي قدرن جو هڪ خوبصورت اظهار پڻ آهي. ھن چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن کي زندهه رکڻ لاءِ اهڙين روايتي راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جو انعقاد انتهائي اهميت رکي ٿو. ملاکڙو اسان جي ثقافتي ورثي جو هڪ قيمتي اثاثو آهي، جنهن کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ ۽ هن راند سان لاڳاپيل پهلوانن جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ھن چيو ته عرس مبارڪ جهڙا روحاني ۽ ثقافتي ميڙاڪا نه رڳو اوليائن ڪرام جي تعليمات ۽ خدمتن کي ياد ڪرڻ جو ذريعو آهن، پر اهي اسان جي قديم روايتن، ثقافتي راندين ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صوبائي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ جي روايتي راندين، خاص طور تي ملاکڙي جي واڌاري ۽ ان سان لاڳاپيل رانديگرن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ ثقافتي سرگرميون جاري رکڻ گهرجن، جيئن سنڌ جي منفرد ثقافتي سڃاڻپ ۽ صدين پراڻيون روايتون ايندڙ نسلن تائين ساڳئي جوش جذبي سان منتقل ٿينديون رھنديون.