بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد جي باهه متاثرن سان ملاقات

سنڌي خبرون 25th Dec 2025 379 مناظر
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد جي باهه متاثرن سان ملاقات

فاطمه مجيد متاثرن جا سڙيل گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ ٻيو سامان ڏسي افسوس جو اظهار ڪيو

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين پرسن ۽ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ملير جي صدر فاطمه مجيد رزاق آباد ۾ باهه لڳڻ سبب سڙيل گهرن جي متاثر ملاح برادري سان ملاقات ڪئي. هن متاثرن جا سڙيل گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ ٻيو سامان ڏسي افسوس جو اظهار ڪيو .ان موقعي تي فاطمه مجيد باهه ۾ زخمي ٿيل سڪندر ملاح جي عيادت ڪندي سندس مزاج پرسي پڻ ڪئي. متاثر ملاحن عمر ملاح، سڪندر ملاح، ارشد علي، صدام حسين ۽ علي اڪبر فاطمه مجيد کي ٻڌايو ته رات تقريباً چار وڳي اوچتو باهه لڳي، جنهن سبب سندن گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، راشن ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. هنن ٻڌايو ته هو روزانو صبح سوير رِڇ ڪلهي تي کڻي پيرين پنڌ پورٽ قاسم ڀرسان سمنڊ تائين وڃي مڇي ماري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن، پر باهه لڳڻ کان پوءِ سندن روزگار مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي.ان موقعي تي فاطمه مجيد متاثر ملاحن سان همدردي جو اظهار ڪندي فوري طور مالي مدد ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فون ڪري هدايتون ڏنيون ته متاثر خاندانن کي ترت مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ راشن فراهم ڪيو وڃي.ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه مجيد چيو ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ماهيگيرن جي نمائنده ادارو آهي، جيڪا هميشه متاثر ماهيگيرن جي هر ممڪن مدد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ئي واقعي جي اطلاع ملي، تيئن ئي آفيس عملي کي متاثر علائقي ڏانهن موڪليو ويو ۽ اڄ پاڻ اچي سڙيل گهرن جو جائزو ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته متاثر ملاحن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ سندن بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.هن موقعي تي پيپلز پارٽي ملير جي اڳواڻ بانو خان سميت علائقي واسي پڻ موجود هئا، جن متاثر ملاح برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو فاطمہ مجيد جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ