جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي ۾ ناري مڙس هٿان مبينا طور قتل

سنڌي خبرون 27th Apr 2023 77 مناظر

شريف آباد ۾ 25 ورهين جي عائشه زال ڪامران جو ڦاهو لڳل لاش مليو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار مبينه طور زال کي قتل ڪري ڇڏيو. شريف آباد ۾ الشفا مسجد وٽ 25 ورهين جي عائشه زال ڪامران جو ڦاهو لڳل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو. وارثن الزام لڳايو ته واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ مڙس ۽ زال ۾ جهيڙو ٿيو هو، جوابدار ڪامران منشيات جو عادي آهي ۽ عائشه تي روز تشدد ڪندو هو، جوابدار خلاف شريف آباد ٿاڻي تي تشدد جي درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي، جوابدار اڳ به مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. وارثن موجب عائشه خودڪشي نه ڪئي، ڪامران کيس ڦاهوڏئي قتل ڪيو. وارثن جي اهڙي موقف بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳا ڪئي پئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ