بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

غوثپور ويجهو سنڌو درياهه مان اڻڄاتل شخص جو ڳريل حالت ۾ لاش هٿ

سنڌي خبرون 19th Nov 2023 301 مناظر

غوثپور ويجهو سنڌو درياهه مان اڻڄاتل شخص جو ڳريل حالت ۾ لاش هٿ

غوثپور ويجھو سنڌو درياهه ۾ قالو پتڻ وٽ پاڻي ۾ لڙھندڙ لاش هٿ آيو آھي لاش جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي غوثپور ويجھو قالو پتڻ وٽ پاڻي ۾ لڙھندڙ لاش ڳوٺاڻن کي ھٿ اچي ويو لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ڳوٺاڻن پاران پاڻي ۾ لڙھندڙ لاش جو ويديو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو ويڊيو ۾ لاش ڳريل حالت ۾ نظر اچي رھيو آھي علائقائي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪچي جي قالو پتڻ وٽ درياء ۾ لڙھندڙ لاش ڌنارن کي ھٿ آيو لاش ڪجھ ڏينھن جو پراڻو ھجڻ ڪري لاش جو ڪافي جسم ڳري ويو آھي تنھن ڪري لاش جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي جڏھن تہ لاش جا ٻئي ھٿ به ڪٽيل نظر اچي رھيا آھن ھڪ ڏينھن گذري وڃڻ تائين لاش کڻائڻ لاء پوليس سميت ڪو بہ واقعي واري ھنڌ نه پھتو انتظاميان بي خبر بڻيل رابطو ڪرڻ تان ايس ايڇ او غوثپور ٻدايو ته اسان کي واقعي بابت ڪا ڄاڻ ناھي ملي ٻئي پاسي لاش جو سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد علائقي م خوف پکڙجي ويو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ