اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

بن قاسم پوليس پاران اسٽيل مل مان لوهه ۽ ٽامو چورائيندڙ ٽولو گرفتار

سنڌي خبرون 16th Nov 2025 339 مناظر
بن قاسم پوليس پاران اسٽيل مل مان لوهه ۽ ٽامو چورائيندڙ ٽولو گرفتار

گرفتار ٿيلن ۾ وٽان 65 ڪلو کان وڌيڪ چوري ٿيل لوهه جا بيرنگ هٿ ڪيا ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي اسٽيل مل جي ويجهو قيمتي لوهه ۽ ٽامو جي چوري ۾ ملوث ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪارروائي دوران 5 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن جن جي سڃاڻپ جمیل، امتیاز، فقیر، گلزار ۽ غلام مرتضیٰ طور ٿي آهي۔پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 65 ڪلو کان وڌيڪ چوري ٿيل لوهه جا بيرنگ هٿ آيا آهن، جيڪي اهي مختلف گودامن ۾ اسڪريپ طور وڪرو ڪندا هئا بن قاسم پوليس جوابدارن خلاف مقدمو داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻين ممڪن سهولتڪارن جي به ڳولا جاري آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ