بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو

آرٽيڪلز/ کالمز 24th Dec 2025 264 مناظر
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پريس ڪلب جي سال 2026 جون چونڊون اليڪشن ڪمشنر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر گدا حسين بلوچ، معاون ايڊووڪيٽ عابد حسين ابڙو ۽ سلطان احمد سومرو جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذريون ، جنھن ۾ عبدالسلام انڙ صدر، جاويد راهوجو نائب صدر، وحيد بروهي جنرل سيڪريٽري، محمد ابراهيم بروهي جوائنٽ سيڪريٽري، وسيم اختر سنجراڻي خزانچي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر تي آغا محمد عيسيٰ عرف آغا اسرار پٺاڻ، ديدار علي سومرو، عارف قريشي ۽ جبران ابڙو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن۔ شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊن بنا مقابلي ۾ مڪمل ٿيڻ تي صحافتي برادري خوشيءَ جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئين چونڊيل باڊي صحافين جي مسئلن جي حل، پريس ڪلب جي بهتري ۽ آزاديءِ صحافت جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي۔ نئين چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن شڪرانو ادا ڪندي چيو ته هو سڀني صحافين کي گڏ کڻي هلندي پريس ڪلب کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻندا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ