جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي ۾ جوابدار غيرت جي نالي تي پنھنجي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 03rd Nov 2023 166 مناظر

رحمت شاھ فائرنگ ڪري پيرسن نور شاھ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ جوابدار غيرت جي نالي تي پنهنجي چاچا کي قتل ڪري ڇڏيو، سچل ٿاڻي جي حد گلزار هجري ۾ جوابدار رحمت شاهه فائرنگ ڪري پنهنجي چاچي 50 ورهين جي نور شاهه پٽ اڪبر شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب جوابدار پنهنجي چاچي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته چاچو منهنجي ماءَ کي ميسيج ڪندو هو، مون منع ڪيو ته ان مون سان جھيڙو ڪيو، جھيڙي دوران مون کي کيس گولي هنئي، ايمبولنس ۽ پوليس کي به مون پاڻ اطلاع ڪيو ته جيئن اسپتال پهچائي سگھجي ۽ سندس زندگي بچي سگھي. پوليس موجب جوابدار جو تعلق مردان سان آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ