پیر، 28 ستمبر 2026
بریکنگ

نصيرآباد ڊگري ڪاليج ڀرسان زرعي زمين مان پيرسن جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

سنڌي خبرون 17th Mar 2024 300 مناظر

نصيرآباد ڊگري ڪاليج ڀرسان زرعي زمين مان پيرسن جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ

نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد ڊگري ڪاليج ڀرسان ڀرسان زرعي زمين مان پيرسن همراه جو ڪپڙن کان آجو ٿيل لاش مليو آهي جنهن جي چيلهه ۾ رسو ٻڌل هيو اهڙو لاش ڏسي علائقي واسي نصيرآباد پوليس کي اطلاع ڏنو اهڙي اطلاع تي نصيرآباد پوليس واقعي واري جاء تي پهچي لاش ضروري سرڪاري ڪاروائي لاء لاش نصيرآباد اسپتال کڻائي آئي آھي جڏھن ته لاش جي سڃاڻپ نہ ٿي سگهي آهي ۽ پيرسن همراه جو لاش هن وقت نصيرآباد اسپتال ۾ پيل آهي جنهن کي ڏسڻ لاء علائقي جا سوين ماڻهو پهچي ويا آهن اهڙي واقعي بعد ايس ايڇ او نصيرآباد صحافين کي ٻڌايو ته نامعلوم پيرسن جو لاش مليو آهي جيڪو ڪپڙن کان آجو آھي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ۽ واقعي جي ھر پاسي کان جاچ ڪري رھيا آھيون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ