جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

قاضي احمد مان نينگري ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم

سنڌي خبرون 04th Aug 2023 346 مناظر

12ورهين جي ساجده ٻٻر شهرمان سامان وٺڻ لاءِ وئي هئي جيڪا واپس ناهي آئي: وارث

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد جي رھائشي علائقي شوڪت ڪالوني جي رھواسي 12 سالا نينگري ساجدا ٻٻر گهران نڪري شھر مان سامان وٺڻ وئي ته واپس نه پهتي پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگري جي وارثن پاران ڳولا ڪرڻ باوجود ھٿ اچي ناھي سگهي گهر ۾ ڪھرام روڄ راڙو آھي نينگري جي چاچي غلام حيدر ٻٻر ٻڌايو آھي ته ڪالھ شام 4 بجي گھر کان بازار طرف وئي ھئي اتان مبينا طور گم ٿي وئي آهي جنهن جي سڄي رات ڳولا ڪئي آھي پر سندس جو ڪٿا به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو اپيل ڪريون ٿا ته نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ