اتوار، 25 اکتوبر 2026
بریکنگ

چوهڙ جمالي واسي جوڙي جو سجاول ۾ تحفظ لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 10th Jan 2025 140 مناظر
چوهڙ جمالي واسي جوڙي جو سجاول ۾ تحفظ لاءِ احتجاج
سجاول (رپورٽر) چوهڙ جمالي جي رهواسي پريمي جوڙي پسند جي شادي ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. چوهڙجمالي واسي بشيران سمون علي مرتضيٰ پنڃار سان سجاول جي ڪورٽ ۾ حق نڪاح ڪرڻ بعد ناري بشيران سمون چيو ته مون کي نه ورگلايو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اغوا ڪيو آهي مون پنهنجي مرضي مطابق نالي علي مرتضيٰ پنڃار سان سجاول جي ڪورٽ سڳوري ۾ شريعت محمدي موجب حق نڪاح ڪيو آهي. اسان پاڻ ۾ خوش آهيون پرمنهنجا مائٽ اسان جا دشمن ٿي پيا آھن هن الزام لڳائيندي چيو ته رزاق سمون، اسماعيل، احمد، محمد، صدام ۽ صديق سمون وارن مان مونکي ۽ منهنجي مڙس علي مرتضيٰ پنڃار کي جان جو خطرو آهي اسان تي اغوا جا ڪوڙاڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. اسان هن وقت دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھيون، هنن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سجاول توڙي وسوارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ