جھرڪ ويجھو اسڪولي شاگردن جو ٽرانسپورٽ جي سھولت نھ ھجڻ خلاف ڌرڻو
شاگردن مين نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو، ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽو/حيدرآباد قومي شاھراھ تي جھرڪ سائيڊ ويجھو مقامي شاگردن کي اسڪول وڃڻ لاء وقت سر ٽرانسپورٽ جي سھولت نه ھجڻ ڪري ڪيترن ئي اسڪولي شاگرد پاران مين نيشنل ھاء وي تي رڪاوٽون وجھي روڊ کي مڪمل بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ڇڏيو، جنھن ڪري ٻنھي پاسن کان ٽرئفڪ جام ٿي ويئي، ان موقعي تي آس پاس جي ڪيترن ئي متاثر شاگردن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته اسڪول جي وقت اندر کين ٽرانسپورٽ نه ملڻ ڪري ھو وقت سر اسڪولن ۾ پھڇي نٿا سگھن. جنھن ڪري سندن تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، ھنن چيو تہ روڊ تي جيڪي گاڏيون ھلن ٿيون اھي شاگردن کي نٿيون کڻن. ھنن چيو تہ اسڪول دير سان پھچون ٿا تہ استاد ٿا ناراض ٿين، نٿا وڃون تہ والدين ٿا ڪاوڙ ڪن، جنھن ڪري سندن مستقبل داءُ تي لڳي ويو آھي، اسڪولي شاگردن توڙي انھن جي مائيٽن ۽ سماجي ڌرين تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد ڀاڳت، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي ته اسڪول ويندڙ شاگردن لاء فوري طور ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جئين شاگرد وقت سر اسڪول پھچي پنھنجي تعليم مڪمل ڪري سگھن.