اتوار، 27 ستمبر 2026
بریکنگ

جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سان ملاقات

سنڌي خبرون 27th May 2024 344 مناظر

جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ عمر ايوب سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ حق جي غلبي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. محمد حسين محنتي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ڪري ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، سياسي توڙي معاشي صورتحال تي ھر محب وطن شهري پريشان آهي جڏهن ته وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير جي مسئلي کان وٺي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن حڪومت توڙي سيڪورٽي ادارن جي ڪارڪردگي کي سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي. ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت ذريعي حالتن کي بهتر جڏهن ته فارم45 مطابق حڪمراني ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ