بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ۾ ڳوٺ ڪينجھر مڱڻيجو واسي پيرسن جوپٽن سميت نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 26th Feb 2026 360 مناظر
ھڱورجا ۾ ڳوٺ ڪينجھر مڱڻيجو واسي پيرسن جوپٽن سميت نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

15ڏينهن اڳ نياڻي حنيفا خاتون کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، پوليس دانهن نٿي ورنائي: ھادي بخش مڱڻيجو

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي ڳوٺ ڪينجھر مڱڻيجو واسي پيرسن ھادي بخش مڱڻيجو پنھنجي پٽن اظھر علي .عقيل احمد مظھر مڱڻيجو سان گڏ پريس ڪلب پھچي مبينا طور 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نياڻي حنيفا خاتون جي بازيابي لاء احتجاج ڪندي الزام لڳايو تہ نامعلوم ھٿياربند منھنجي نوجوان نياڻي حنيفا خاتون کي اغوا ڪري ويا آھن پر پوليس ھن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو ڪيترائي ڀير ھنڱورجا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان پوليس نياڻي جي بازيابي لاء سکڻا ڏٽا دلاسا ڏئي رھي آھي ھن چيو ھٿياربند منھنجي گھر مان ڦرلٽ ب ڪري ويا آھن ھن وسن وارن کي اپيل ڪئي آھي ت نياڻي حنيفا خاتون کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ