پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

صنعان قريشي پاران سنڌ جي وحدت خلاف سازشن تي مزاحمت جو اعلان

سنڌي خبرون 04th Jun 2026 172 مناظر
صنعان قريشي پاران سنڌ جي وحدت خلاف سازشن تي مزاحمت جو اعلان

آفاق احمد جهڙا ماڻهو سنڌ ۽ سنڌين خلاف بيان ڏئي نفرت پکيڙي رهيا آهن: صنعان قريشي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي سربراهه صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت، بقا ۽ تاريخي حيثيت خلاف مختلف سازشون ٿي رهيون آهن، جن جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو ٽنڊوالهيار ۾ 14 جون تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۽ پيادل مارچ بابت جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي ۽ سنڌ خلاف ڪنهن به قسم جون سازشون يا منصوبا ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. هن سنڌي قوم کي احتجاجي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت پڻ ڏني صنعان خان قريشي چيو ته تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميم کي سنڌ مڪمل طور تي رد ڪري ٿي، ۽ جيڪڏهن اها زبردستي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ پنهنجي وحدت ۽ وجود جي تحفظ لاءِ سياسي مزاحمت ڪندي. هن الزام لڳايو ته ڪجهه عناصر سنڌ ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ويجهڙائي جا مخالف آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙن عنصرن جو سماجي سطح تي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جسقم سربراهه وڌيڪ چيو ته آفاق احمد جهڙا ماڻهو سنڌ ۽ سنڌين خلاف بيان ڏئي نفرت پکيڙي رهيا آهن، جنهن کي هو سخت لفظن ۾ رد ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌ جي وسيلن مان فائدو وٺن ٿا، انهن کي سنڌ جي ڌرتي سان وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اهڙن عملن کي قبول نه ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته 14 جون تي ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، بدامني، قبيلائي جهيڙن ۽ منشيات جي وڌندڙ رجحان خلاف احتجاجي ريلي ۽ پيادل مارچ ڪيو ويندو هن اعلان ڪيو ته احتجاجي تحريڪ ۾ سنڌي قوم کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن مسئلن جو حل نه نڪتو ته تحريڪ کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ