ڄامشورو: لابارو ڪري موٽندڙ ڪولهي برادري جي مزدا ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
ڄامشورو: ڪوھستاني علائقي تونگ ويجهو ڪولھي برادريءَ جي ماڻھن سان ڀريل مزدا بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي
تونگ ويجهو گز واري چڙھائي ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب مزدا ڪلٽي ٿي پئي
حادثي سبب 4 ٻارڙن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت 25 کان وڌيڪ زخمي
فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي ڀي ايڇ يو تونگ منتقل ڪيو پيو وڃي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي
ڳوٺاڻا وڏي تعداد ۾ پھچي فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي ريسسڪو ڪري رھيا آھن
ڪولھي برادريءَ جو خاندان بلوچستان کان لابارو ڪري واپسي وڃي رھيو ھو تہ حادثو پيش آيو