بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ پرائمري ماسترياڻي جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 16th Apr 2024 207 مناظر

دادو ۾ پرائمري ماسترياڻي جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاجي مظاھرو

دادو(رپورٽر ) دادو پريس ڪلب آڏو پرائمري ماسترياڻي اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج ڪري دادو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ماسترياڻي سورٺ ٻٻر دانهيو ته مان يتيم آهيان اڳوڻو مڙس وسيم عباس پٽ مرحوم عطا محمد چارڻ فنانس کاتي ڪراچي ۾ ڪلارڪ آهي منهنجا 3 ٻارڙا غلام جنت، مھدي عباس، عائشہ گذريل 7مهينن کان مڙس وٽ ڪراچي ۾ آهن، مڙس 16 سالن کان ذهني ۽ جسماني ٽارچر ڪندو رهيو آهي، جنھن کان تنگ اچي فيبروري 2024 ۾ دادو جي عدالت معرفت خلع ورتي آهي، منهنجا ٻار ماءُ لاءِ پريشان آهن مان ٻارڙن لاءِ تڙپي رهي آهيان، مڙس ڌمڪائي رهيو آهي، مڙس منهنجي مارڻ لاءِ لنڊ برادري جي ماڻهن کي وڏي رقم ڏني وئي آهي مونکي قتل ڪيو ويو ته ان جو ذميوار منهنجو اڳوڻو مڙس هوندو، مان ڪرائي جي ڪنھن به گھر ۾ رهان ٿي ته انھي گهر جي مالڪ کي پوليس کي رشوت ڏئي تنگ ڪري گهر خالي ڪرائي ٿو، هن منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، منهنجا سمورا ڊاڪيومينٽ سندس قبضي ۾ آهن، هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سيشن جج دادو، آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدرآباد،ايس ايس پي دادو، انساني حقن جي تنظيمن کان هٿ ٻڌي مطالبو ڪيو آهي تہ منهنجا ٻار ۽ ڊاڪيومينٽ ڏياري تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ