جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊي سي ٺٽو پاران ميرپورساڪرو اسپتال جي ايم ايس جي تعريف

سنڌي خبرون 11th Dec 2025 319 مناظر
ڊي سي ٺٽو پاران ميرپورساڪرو اسپتال جي ايم ايس جي تعريف

ڊي سي آفيس ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڊي سي منور عباس سومرو جي صدارت ۾ اجلاس

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ اڄ پوليو مهم سلسلي ۾ ٿيل اجلاس دوران ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو، شيخ زيد تعلقه اسپتال ميرپور ساڪري جي ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جي غير معمولي محنت، خلوص ۽ اداري جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي سندس کلي دل سان واکاڻ ڪئي۔ڊي سي ٺٽو اجلاس ۾ ضلعي جي آفيسرن سان سندس تعارف ڪرائيندي چيو ته ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ ٿورن ئي ڏينهن ۾ شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪري کي منظم طريقي سان هلايو آهي ۽ مختصر عرصي ۾ اسپتال جي ڪم ڪار، ماحول ۽ سروسز کي بهتر بڻائي هڪ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جون ڪاوشون هن وقت پوري ساڪري ۾ تعريف جو موضوع بڻيل آهن، ڇاڪاڻ⁠ تہ هو ڏينهن رات اسپتال جي سڌاري ۽ عوام کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي۔ڊي سي ٺٽو ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته:"هُن جي محنت، ايمانداري ۽ فرض شناسي قابلِ تحسين آهي، ۽ مان سندس ڪارڪردگي کي ’گڊ‘ قرار ڏيان ٿو۔ ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ ضلعي جي بهترين ۽ ذميوار آفيسرن مان هڪ آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ