بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

مٽياري ڄائو اڳوڻو ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 333 مناظر

مرحوم جي جنازي نماز سندس اباڻي شھر مٽياري ۾ ادا ڪئي ويندي

مٽياري ڄائو اڳوڻو ايم اين اي حيدرآباد امير علي شاھ ڄاموٽ سندس رهائش گاهه حيدرآباد تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس جنازي نماز سندس اباڻي شھر مٽياري ۾ ادا ڪئي ويندي جنهن بعد سندس تدفين اباڻي قبرستان ميون سيد حاجي شاهه ۾ ڪئي ويندي، ياد رهي ايم اين اي سيد طارق حسين شاه ڄاموٽ جو والد امير علي شاهه ڄاموٽ ڪجهه عرصي کان گوڏن جي بيماري ۾ ورتل هو، امير علي شاهه ڄاموٽ 1941 مٽياري سيد انور علي شاهه ڄاموٽ جي گهر ۾ پئدا ٿيو هو پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 2 ڀيرا ايم پي پڻ رهيو ۽ 3 ڀيرا حيدرآباد واري تڪ تان ايم اين اي رهيو ۽ 2018 واري اليڪشن پاڻ سياست کان رستا الگ ڪندي سندس وڏي پٽ سيد طارق شاهه کي ايم اين اي واري تڪ تي بيهاريو. سندس فيملي شروع کان پاڪستان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ