ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

گلشن حدید ۾ ايس ڪيو موبائيل شاپ تي وڏي چوري، 70 لک روپين کان وڌيڪ مالیت جا موبائيل فون چوري

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 30 مناظر
گلشن حدید ۾ ايس ڪيو موبائيل شاپ تي وڏي چوري، 70 لک روپين کان وڌيڪ مالیت جا موبائيل فون چوري

پوليس هڪ ڪلاڪ جي دير سان پهتي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي گلشنِ حدید فيز ون ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ چوري ڌاڙن جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۾ پوليس جي ناڪامي سبب شهرين ۽ واپارين ۾ سخت بي چيني ۽ ڪاوڙ پکڙجي ويئي آهي. اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ ديار حبيب مسجد جي ويجهو واقع ايس ڪيو موبائيل شاپ تي رات جو تقريبن چار بجي ڇهه جوابدارن تالا ڄاڻي 70 لک روپين کان وڌيڪ مالیت جا موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. دڪان جي مالڪ پاران مددگار 15 تي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس مبينه طور تي هڪ ڪلاڪ جي دير سان جاءِ واردات تي پهتي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪرائم سين يونٽ جا اهلڪار دڪان تان ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. واضح رهي ته گلشنِ حديد ۾ ان کان اڳ به چوري ۽ ڌاڙن جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آهن پر ڏهاڙن جي روڪٿام لاءِ موثر قدم نه کڻڻ سبب شهرين ۽ واپارين ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. ايس ڪيو موبائيل شاپ جي مالڪ آءِ جي سنڌ، ايڊشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو آهي ته واردات ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري چوري ٿيل موبائيل فون ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ ڏوهن خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ