شاهه لطيف ٽائون ۾ شهري جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ۾ گذريل ڏينهن ڦر دوران شهري سعيد نواز کي قتل ۽ منير کي زخمي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار راول ولد غلام سرور مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس ڪانسٽيبل سليم تنولي پڻ زخمي ٿي پيو.پوليس ترجمان موجب شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 16-A ۾ درخشان شادي هال ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ سعيد نواز ولد محمد نواز مارجي ويو، جڏهن ته منير ولد ولي زخمي ٿيو هو. واقعي ۾ ملوث جوابدار راول کي پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.پوليس موجب گرفتاري کانپوءِ جوابدار لاڪ اپ ۾ طبيعت خراب ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو. منتقلي دوران فاسٽ يونيورسٽي جي پٺيان واري علائقي ڀرسان جوابدار مبينا طور پوليس ڪانسٽيبل سليم تنولي جو پستول کسي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.پوليس ترجمان موجب جوابدار جي فائرنگ ۾ ڪانسٽيبل سليم تنولي زخمي ٿي پيو، جنهن بعد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار راول پڻ زخمي ٿيو. کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي بعد ۾ سندس فوت ٿيڻ جي اطلاع ملي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي واري ڪارروائي جاري آهي.