بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ بابت قائم اختياري جي عملدارن پاران اين ڊي ايف نوابشاھ جو دورو

سنڌي خبرون 13th Aug 2024 298 مناظر
سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ بابت قائم اختياري جي عملدارن پاران اين ڊي ايف نوابشاھ جو دورو

سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ بابت قائم اختياري جي عملدارن پاران اين ڊي ايف نوابشاھ جو دورو

نوابشاھ: سنڌ جي معذورن جي حقن جي تحفظ واري اختياري جي عملدارن اين ڊي ايف نوابشاھ پارن قائم ذھني معذور ٻارن جي بحالي مرڪز جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد اٿارٽي ۾ سماجي تنظيم اين ڊي ايف جي رجسٽريشن جي حصول لاءِ جائزو وٺڻ هو. ڪميٽي اين ڊي ايف جو جائزو وٺندي بحالي مرڪز پاران مهيا ڪيل سهولتن ۽ خدمتن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اين ڊي ايف جي اڳواڻن عابد لاشاري، طارق چنڙ، سائره لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته بحالي مرڪز علائقي ۾ معذور ٻارڙن جي بحالي ۽ انھن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عابد لاشاري عملدارن کي بريفنگ ڏني ۽ کين سينٽر جو هڪ جامع دورو پڻ ڪرايو، جتي عملدارن کي اين ڊي ايف جي عملي ۽ ٻارڙن ۽ والدين سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو پڻ مليو. قمر شاھد صديقي چيو تہ ھن ذاتي طور تي مختلف پروگرامن ۽ سرگرمين جو مشاهدو ڪيو جن جو مقصد ذھني معذور ٻارڙن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معذور ٻارن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ آھي. اٿارٽي جي ڊائريڪٽر شيراز لغاري، فنانس ڊائريڪٽر افشان شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رتنا ديوان ۽ غلام مرتضيٰ چنڙ ريجنل ڊائريڪٽر بحالي مرڪز جي خدمتن کي تمام گهڻو ساراهيندي چيو سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن لاءِ اين ڊي ايف بحالي مرڪز ھڪ تحفو آهي. اين ڊي ايف ٽيم پاران ڏيکاريل جذبو ۽ عزم قابل داد آھي. شيراز لغاري وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن جي حوصله افزائي ٿيڻ گھرجي جيئن هڪ جامع وسيع شموليت وارو سماج ٺاهيو وڃي، جتي ذهني معذوري وارا ٻار، خاص طور تي ڊائون سنڊروم وارا ٻار بحال ٿي سگھن. ھن وڌيڪ چيو تہ ھو اين ڊي ايف بحالي مرڪز ۾ ڪيل ڪم کان ڏاڍو متاثر ٿيا آهن ۽ معذورن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اداري جي ڪوششن کي داد ڏيندي چيو ته، ”اها ضروري آهي ته اسان اين ڊي ايف جهڙين تنظيمن سان سهڪار جاري رکون ته جيئن معذور ٻارن کي انهن وسيلن ۽ موقعن تائين رسائي حاصل ٿي سگھي ۽ سندن وسيع پئماني تي جامع ترقي ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي سگھجن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ