ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست

سنڌي خبرون 24th Dec 2025 319 مناظر
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست

فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافيون ۽ انعامات ڏنا ويا

سجاول (ڊ ر)سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٻن ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ بخاري ڪرڪيٽ ڪلب سجاول ۽ صوفي شاهه عنايت ڪرڪيٽ ڪلب سجاول آمهون سامهون هئا۔ فائنل ميچ ۾ صوفي شاهه عنايت ڪرڪيٽ ڪلب سجاول ڪاميابي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتو هن موقعي تي معزز مهمانن ۾ ميجر انسار علي (پاڪ فوج، ڪينٽ بڊين) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سجاول پيرل چانڊيو ۽ پي پي پي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ صاحب شريڪ هئا۔آخر ۾ فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافيون ۽ انعامات ڏنا ويا صوفي شاھ عنايت ٽيم 9 وڪيٽن تان فائنل کٽي سجاول ضلعي جي چيمپيئن ٽيم بنجي وئي جنهن ۾ مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي ٽورنانمينٽ اڪبر شاھ ٿيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ