بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ سنڌ پريس ڪلب جي آفيس تي قلم ڌڻين جي اھم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

سنڌي خبرون 10th Oct 2023 186 مناظر

گڏجاڻي ۾ سماجي براين، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ بابت غور ويچار

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) سنڌ پريس ڪلب دادو جي آفيس تي قلم ڌڻين پاران اھم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن ۾ دادو شھر جي قلم ڌڻين پاران ڀر پور نموني شرڪت ڪئي قلم ڌڻين پاران دادو شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ مختلف سماجي براين ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ مختلف دوائن جي کوٽ ۽ سرڪاري اسڪولن اندر بنيادي سھولتن جي کوٽ سميت مختلف عوامي مسئلن جي حل لاء ڳالھين تي غور ويچار ڪيو ويو ان موقعي تي سينيئر صحافي جمع خان برھماڻي چيئرمين جرنلسٽ ميڊياڪائونسل پاڪستان ضلع دادو پنھنجي بيان ۾ چيو ته بنا لوڀ لالچ غريب مسڪين بي پھچ عوام جي خدمت اسان جو اولين فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو اسان ھر وقت اھا ڪوشش ڪريون ته قلم جي طاقت زريعي عوام جي ھر جائز مسئلي جي حل لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪريون ان موقعي تي ڌرتي ٽي وي جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر بابو فراز احمد جمالي سينيئر صحافي اصغر خان ملاح پاران آيل دوستن لاء ريفريشمينٽ پارٽي جو اھتمام ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ زاھد علي لنڊ عبدالعزيز ٻٻر الله بخش جتوئي اويس جمالي سڪندر علي پنھور مختيار علي جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ