موھن جو دڙو ڀرسان نينگر جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو احتجاج
غلام حسين ٻٽ واسي اسلم، افضل، سھيل، مظفر ٻٽ ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو
موهن جو دڙو(معشوق مشوري) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ٻُٽ جي رهواسي ڳوٺاڻن اسلم، افضل، سهيل، مظفر ٻُٽ ۽ ٻين ڳوٺ خير محمد ٻٽ مان مبينا اغوا ٿيل نينگر حيدر علي ٻُٽ جي بازيابيءَ لاء موهن جو دڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو تہ 2 ڏينهن اڳ ماڇي ذات جي 5 جوابدارن اظهار، برڪت، ارشاد، امام بخش ماڇي سميت 5 ڄڻن سندن 16 سالن جي نينگر حيدر علي ٻٽ کي دڪان تان اغوا ڪري کڻي ويا آهن. جنهن لاء هو حد جي فتح پور ٿاڻي تي نينگر جي اغوا جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ ويا تہ پوليس کائن ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ جا ڪجهہ ماڻهو شاهد آهن جن سندن نينگر کي اغوا ٿيندي ڏٺو آهي. هنن چيو تہ پوليس پاران اغوا جو ڪيس درج نہ ڪرڻ تي هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي وٽ دانهن کڻي ويا. جنهن ڊي ايس پي ڏوڪري غلام محي الدين ڪلوڙ کي انڪواري آفيسر مقرر ڪيو آهي. ڳوٺاڻن چيو تہ هنن جو ماڇي برادري سان پلاٽ جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي. جن ساڻن دشمني ڪندي نينگر کي اغوا ڪيو آهي. ڳواڻن جوابدار ڌر تي الزام هنيو آهي تہ هنن بااثر ماڻهن جو حوالو ڏئي سوشل ميڊيا تي کين موتمار ڌمڪين واري پوسٽ بہ رکي آهي. هنن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي تہ جوابدار ڌر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري نينگر بازياب ڪرايو وڃي.