جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول جي ترقي جو سفر ڀرپور نموني سان جاري آهي: ڊي سي طاهر علي ميمڻ

سنڌي خبرون 18th Aug 2023 99 مناظر

سجاول جي تعمير ۽ ترقي سان گڏوگڏ عوام جي ڀلائي لاءِ به هميشه ڪوششون ڪيون پيون وڃن

سجاول (رپورٽر)چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ چيو آهي ته ضلعي جي تعمير ۽ ترقي سان گڏوگڏ عوام جي ڀلائي لاءِ به هميشه ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي. هن چيو ته سجاول جي ترقي جو سفر ڀرپور نموني سان جاري آهي ته جيئن هتي جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سجاول ضلعي ۾ سالياني ترقياتي پروگرام 24-2023ع تحت مختلف ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏيندي لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ انجنيئرن کي پي سي ون تيار ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام 24-2023ع تحت عوام جي ڀلائي لاءِ هلندڙ ترقياتي منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو ويندو جنھن جو ثمر بنا ڪنهن دير جي عوام تائين پهچندو. ھن چيو تہ ضلعي انتظاميه انهن منصوبن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي جن جو سڌو سنئون واسطو عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ سان آهي. هُن لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن کي سختي سان اھا پڻ هدايت ڪئي ته سجاول ضلعي ۾ آئل ۽ گيس فنڊنگ تحت هلندڙ ترقياتي منصوبا معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ انجنيئرن شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ