بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو

سنڌي خبرون 17th Jan 2025 373 مناظر
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽو جو دورو ، صورتحال جو جائزو - ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات کاتو سنڌ ڊاڪٽر امتياز علي خشڪ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽو جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ھُن چيو ته اطلاعات کاتو عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هُن اطلاعات کاتي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارآمد بڻائڻ لاءِ ميڊيا سان ويجهن لاڳاپن کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو، سينئر اسسٽنٽ عبدالشڪور ميمڻ ۽ عملي پاران ڊپٽي سيڪريٽري ڊاڪٽر امتياز علي خشڪ جو استقبال ڪيو ويو ۽ کيس سنڌ جي سوکڙي لُنگي ۽ اجرڪ جا تحفہ پڻ پيش ڪيا. ڊاڪٽر امتياز علي خشڪ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين ساراھيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ