بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ دوست صدر واسي پيرسن جو ڀاڻيجي خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 20th Nov 2025 320 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ دوست صدر واسي پيرسن جو ڀاڻيجي خلاف احتجاج

ڀاڻيجو پلاٽ جي معامري تان روز مونکي منهنجي زال ۽ ڌيئرن تي تشدد ڪري ٿو: محمد صوفن راڄپر

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ دوست صدر جي رهواسي پيرسن محمد صوفن راڄپر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ڀاڻج پلاٽ جي معامري تان روز مونکي منهنجي زال ۽ ڌيئرن تي روز تشدد ڪري رهيا آهن منهنجي زمين 21 ويسا آهي پر زاهد، شاهد ۽ بابو وارا هڪ ويسي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن جيڪي زمين تي اچڻ نه ٿا ڏين جيڪي گذريل ڏينهن پسٽل کڻي پويان پيا آهن هن چيو ته مان ايس ايس پي نوشھروفيروز کي هنن ظالمن جي خلاف درخواست ڏني پر ٿاڻي وارن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا جوابدار ٿيل فيصلي تي عمل ڪرڻ بجاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن غريب مزدور آهيان ايس ايس پي نوشھروفيروز نوٽيس وٺي ظالمن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ