جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

فريد آباد ڀرسان جوابدار سڱ نه ملڻ تي ڪنوار کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 23rd Apr 2026 408 مناظر
فريد آباد ڀرسان جوابدار سڱ نه ملڻ تي ڪنوار کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي ۾ نوجوان شھمير ڪولاچي گھر اندر گهڙي ونواهه ۾ ويٺل ريما ڌيءُ خدا بخش ڪولاچي کي قتل ڪري ڇڏيو

فريدآباد (رپورٽر) فريدآباد ويجهو رشتو نه ملڻ تان جوابدار نوجوان ناريکي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي ۾ جوابدار شهمير ڪولاچي فائرنگ ڪري ناري ريما ڪولاچي کي قتل ۽ سندس امڙ سيما کي زخمي ڪري ڇڏيو جوابدار ناري کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، سيما ڪولاچي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميهڙ اسپتال مان لاڙڪاڻي منتقل مقتولا ناري ريما ۽ جوابدار شھمير ڪولاچي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ