بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميروخان ويجهو پراسرار نموني باهه لڳڻ سبب هڪ سئو ايڪڙ جا ڪڻڪ جا ديرا سڙي رک

سنڌي خبرون 30th Apr 2024 291 مناظر

ميروخان ويجهو پراسرار نموني باهه لڳڻ سبب هڪ سئو ايڪڙ جا ڪڻڪ جا ديرا سڙي رک

ميروخان (رپورٽر) ميروخان ويجهو پراسرار نموني باھ لڳڻ سبب هڪ سئو ايڪڙ تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل، ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي ويو بجلي گهر سامهون زمين ۾ پيل حميد ابڙو، اڪبر تونيو ،جمال لغاري ،مجيد دايو ،نعيم گوپانگ ۽ ٻين هارين جا ڪڻڪ جا ديرا ۽ پلال سڙي ويو، ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي فائر برگيڊ گاڏي خراب هجڻ ڪري باھ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو وڌيڪ ديرا سڙڻ جو امڪان آهي، متاثرن جو چوڻ ھو تھ زمين ڪڻڪ جا ديرا تيار پيل هيا خبر ناهي باھ ڪئين لڳي هڪ ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي فائر برگيڊ گاڏي خراب هجڻ سبب گهڻو نقصان ٿيو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ