جمعہ، 09 اکتوبر 2026
بریکنگ

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي تي اعزازي شيلڊ ڏني وئي

سنڌي خبرون 23rd Dec 2025 342 مناظر
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي تي اعزازي شيلڊ ڏني وئي

صوبائي وزير شاهينه شير علي ۽ ملڪ جي مشهور ميڊيا گروپ جي مالڪ سلطانه صديقي فاطمه مجيد کي شيلڊ پيش ڪئي

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي جي موقعي تي ماهيگيرن لاءِ نمايان خدمتن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيل قدمن جي اعتراف ۾ شيلڊ سان نوازيو ويو هي اعزاز وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ جي سرپرستي ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقده شاندار تقريب ۾ ڏنو ويو تقريب۾ عورتن جي ترقي واري وزير شاهينه شير علي ۽ ملڪ جي مشهور ميڊيا گروپ جي مالڪ سلطانه صديقي فاطمه مجيد کي شيلڊ پيش ڪئي. مقررن فاطمه مجيد جي قيادت هيٺ ماھيگير برادري جي فلاح ۽ بهبود، عورتن جي خودمختياري ۽ سماجي ترقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو ان موقعي تي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتون، سرڪاري آفيسر، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي به شريڪ ٿيا، ۽ تقريب کي نيشنل ورڪنگ وومين ڊي جي مناسبت سان خاص تقريبون، تقريرون ۽ ثقافتي پروگرام سان وڌيڪ پرڪشش بڻايو ويو ان موقعي تي فاطمه مجيد چيو ته عورتن جي تعليم، معاشي خودمختياري ۽ ماھيگير برادري جي فلاح لاءِ ڪم جاري رکندي،ھن چيو ٿي معاشري ۾ عورتن جو ڪردار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ