پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير جي 18ڳوٺن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جو بحران، شهري روڊن تي نڪري آيا

سنڌي خبرون 26th May 2025 203 مناظر
ملير جي 18ڳوٺن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جو بحران، شهري روڊن تي نڪري آيا
ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي شرافي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي 18 ڳوٺن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سنگين بحران خلاف شهرين گهرن مان نڪري ريلي ڪڍي پاور هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ۾ عورتن معصوم ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڳوٺاڻن دوست محمد، شفيع محمد ۽ ٻين موجب ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي روزانو 18 ڪلاڪ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب جيئن حرام ٿي ويو آهي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي شرافي ڳوٺ سميت 18 ڳوٺن جي بجلي 18 ڪلاڪ بند رهي هنن بجلي جي بحالي جو مطالبو ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ