جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

اڳوڻي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي ڇهين ورسي ملهائي وئي

سنڌي خبرون 02nd Jun 2026 284 مناظر
اڳوڻي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي ڇهين ورسي ملهائي وئي

ورسي تقريب ۾ ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي ايز سليم بلوچ، ساجد جوکيو، راجا رزاق ۽ ٻيا شريڪ

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ عوامي اڳواڻ غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي ڇهين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ فقير محمد بلوچ ڳوٺ، گڊاپ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ملير سان تعلق رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن، قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سليم بلوچ، ساجد جوکيو، راجا رزاق سميت ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر يوسف مرتضيٰ بلوچ پڻ موجود هو.تقريب دوران مرحوم غلام مرتضيٰ بلوچ جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ خصوصي دعا جو اهتمام ڪيو ويو. مقررن غلام مرتضيٰ بلوچ جي عوامي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مرحوم هڪ بهادر، مخلص ۽ عوام دوست اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي عوام جي خدمت، سندن مسئلن جي حل ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.مقررن چيو ته غلام مرتضيٰ بلوچ هميشه ظلم، جبر ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاريو ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. سندس سياسي بصيرت، سادگي، عوام سان محبت ۽ بي لوث خدمت اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. هنن چيو ته غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندس مشن کي عوامي خدمت ذريعي اڳتي وڌايو ويندو.تقريب جي پڄاڻي تي مرحوم جي بلند درجات، ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ