بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ الھبخش مري واسڻ ناري جو امڙ سميت احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 15th Nov 2023 64 مناظر

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ الھبخش مري واسڻ ناري جو امڙ سميت احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) ڳوٺ الهه بخش مري جي رهواسڻ فيروزانه مري پنهنجي امڙ رضيا مري سان گڏ جي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي ٻڌايو آهي .ته ڪجهه ڏينهن اڳ حنيف،يوسف،امام دين،منظور،سلطان لقمان مري ۽ ٻين اسان جي پيراسن پيءُ علي خان مري مٿان تشدد ڪري رهيا هئا جنهن کي ڇڏائڻ جي لاءِ جڏهن اسان ڀينرون اتي ويوسين ته جوابدار اسان مٿان لٺيون ۽ ڪوڏرن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ڪري اسان جي ڀيڻ شازيه ۽ شهناز زخمي ٿي پيون آهن جن کي علاج جي لاءِ اسان نوشهروفيروز اسپتال کڻائي آياسين جتان ڊاڪٽرن کين جواب ڏنو بعد ۾ کين نواب شاهه ۾ داخل ڪيو جتي سندن علاج هلندڙ آهي. ۽ اسان کي اسپتال مان اهڙو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو آهي پر نوشهروفيروز پوليس 5 ڏينهن گزري وڃڻ باوجود ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي جنهن ڪري جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن جن مان حنيف مري ۽ ٻيا مونکي چون ٿا ته ڪيس تان هٿ کڻ نت توکي ۽ تنهجي ڀينرن کي اوهان جي پيءُ ماءُ سميت قتل ڪري ڇڏينداسين هن روئيندي ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سڀ ڀينرون آهيون اسان کي ڀاءُ ڪون آهي جنهن ڪري جوابدار اسان جي ملڪيت مٿان قبضو ڪرڻ چاهن ٿا اسان کي جوابدارن کان تحفظ ڏياريو وڃي ۽ کين گرفتار ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ