بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ لغاري اتحاد پاران فدا حسين لغاري جي مان ۾ آجياڻو

سنڌي خبرون 14th Jan 2024 289 مناظر

ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ لغاري اتحاد پاران فدا حسين لغاري جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي سهراب ڳوٺ سائينداد ڳوٺ ۾ لغاري اتحاد ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر سرداري لغاري پاران فدا حسين لغاري کي آجياڻو ڏنو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي فدا حسين لغاري چيو ته مان برادري جي مسئلن کان خوب واقف آهيان ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا اليڪشن اتحاد جو جيڪو حڪم هوندو ان کي ووٽ ڪرائينداسين سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻارڙن جي تعليم لأ ڪوششون ڪري رهيا آهيون والدين پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارين تعليم سان ئي ملڪ ۽ قوم جي ترقي سلهاڙيل آهي ان موقعي تي لغاري اتحاد جو اڳواڻ سومر خان لغاري غلام حسين لغاري ذوالفقار علي لغاري الطاف لغاري نور لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ