بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

پاڪستان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي پنھنجا حق آھن: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 20th Dec 2023 84 مناظر

پاڪستان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي پنھنجا حق آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪرسچين چرچ تلڪ چاڙھي حيدرآباد ۾ اقليتن جي حقن بابت عيسائي برادري کي خطاب ڪندي چيو تہ دين ۾ ڪو بہ جبر ڪونھي. پاڪسان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي پنھنجا حق آھن ۽ ھر ڪنھن کي عبادت ڪرڻ جو حق حاصل آھي،جبر ۽ ڏاڍ جي ڪو بہ مذھب اجازت نٿو ڏئي. محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تقرير ۾ چيو ھو ھن ملڪ ۾ رياست جي ويجھو سڀ ماڻھو برابر آھن ڀلي ڪھڙو بہ مذھب ھجي انھن ۾ نفرت نہ ھجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھندن ۽ ڪرسچنن جون نياڻيون اغوا نہ ٿين ۽ زوري مذھب نہ مٽايو وڃي. فرقيواريت الزام تراشي ھڪ ٻي کي غلط ۽ صحيح ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ھڪ ٻي کي نشانو نہ بڻايو وڃي. عيسائي برادري پنھنجن ٻارن کي بھتر تعليم ڏيارين ۽ پنھنجن ٻارن خصوصن ڇوڪرين کي نيوي. عدليہ رينجرس ۽ فوج ۾ سي ايس ايس‚ پي سي ايس ۾ انجنيئرنگ ۾ ميڊيڪل ۾ آڻڻ تعليم ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪن اسان سندن جائز حقن لاءِ ڪردار ادا ڪندا سين ۽ ھر ڏکي وقت ۾ ساٿ نڀائينداسين. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد تان نامزدگي فارم وٺي ڇڏيو. جڏھن تہ سندس فرزند سرباز اياز پليجو قومي تڪ اين اي 218 تان نامزدگي فارم وصول ڪري ورتو آھي.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اليڪشن ۾ عوام ڪرپٽ زرداري مافيا جي رد ڪري ڇڏيندو. اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بنائي. پيپلز پارٽي حڪومت جا 15 سال بدترين ثابت ٿيا آھن. اٽي لٽي ۽ اجھي جو ڪوڙو نعرو ھڻي سنڌ کي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏني وئي آھي. ٻوڏ ۾ لکين ماڻھو بي يارو مددگار ڪيا ويا. ڪوڙي آدمشماري ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي وئي. پيپلز پارٽي حڪومت ۾ سنڌي ماڻھن جي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويو. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ڪرپشن ۽ لٽيل سنڌ جو حساب وٺنداسين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ