بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنري مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري وارثن سميت عمرڪوٽ جي عدالت پهچي وئي

سنڌي خبرون 30th Oct 2025 378 مناظر
ڪنري مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري وارثن سميت عمرڪوٽ جي عدالت پهچي وئي

نياز ڪنڀر اغوا ڪري نئون ڪوٽ ۽ بعد ۾ ڪراچي ۾ قيد رکيو، وجهه وٺي اتان فرار ٿي هتي پهتيس: سنيتا مهاراج

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٽي مهينا اڳ ڪنري مان اغوا ٿيل سنيتا ڌي تارو مهاراج آخرڪار بازياب ٿي وئي، نياز ڪنڀر نالي شخص کيس نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لڪائي رکيو، جتان هوءَ موقعي جو فائدو وٺي عمرڪوٽ پهتي ۽ پنهنجي والدين سان رابطو ڪيو، سنيتا جي خاندان پاران وڪيل جي معرفت سيشن جج صاحب جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جڏهن ته ڄاڻايل نياڻي جي اغوا جو ڪيس اڳ ۾ سول جج ون جي ڪورٽ ۾ هلندڙ هو، جنهن سبب نئين درخواست کي قانوني طريقيڪار موجب مئجسٽريٽ جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ نياڻي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد کيس والدين حوالي ڪيو ويو، جنهن مهل عدالت ۾ موجود ماڻهن ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، هن اهم ڪيس جي پيروي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ميان بخش کوسو ۽ وڪيل ڀواني شنڪر مالهي ڪري رهيا آهن، جيڪي نياڻي لاءِ انصاف ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ قانوني جدوجهد جاري رکي رهيا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ