جمعہ، 02 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان دربدري جو شڪار، تحفظ لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 29th Oct 2023 105 مناظر

ڪراچي واسڻ شھربانو گلال سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي، سندس وارث مارڻ چاھين ٿا: اسد الله چانڊيو

نوشهرو فيروز (ڊر) پسند جي شادي ڪرڻ بعد جوڙي کي ڪارو ڪاري ڪرڻ مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آھن جنھن ڪري جوڙو دربدر آھي. ڳوٺ حافظ ڪمال الدين چانڊيو جي رھواسي اسد الله چانڊيو ۽ ڪراچي جي رھواسڻ شھر بانو گلال ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته انھن پنھنجي رضا خوشي سان عدالت ۾ شادي ڪئي آھي ۽ شادي ڪرڻ بعد ناري جو ڀائر صدام حسين، فدا حسين، عابد حسين ۽ علي گوھر اسان کي ڪارو ڪاري تھمت ھڻي مارڻ چاھين ٿا ۽ مختلف نمبرن تان فون ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو ته ڌمڪين بعد اسان جون زندگيون غير محفوظ بڻجي ويون آھن ۽ زندگي بچائڻ لاءِ اسان دربدر آھيون. ھنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف قدم کڻي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ