جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن

سنڌي خبرون 05th May 2026 365 مناظر
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن

اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن جاري آهي: اي سي توفيق ميمڻ

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي واضح هدايتن تي عمل ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار توفيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اهم اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن جاري آهي. ضلعي انتظاميه طرفان شروع ڪيل هن ڪارروائي دوران روڊن جي ٻنهي پاسن تي قائم غيرقانوني ڇاپرن، عارضي اڏاوتن ۽ ٻين تجاوزات کي هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته ملبو صاف ڪرڻ لاءِ به فوري بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن آمدرفت ۾ رڪاوٽون ختم ٿي سگهن. اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهرين کي بهتر ٽريفڪ سهولتون فراهم ڪرڻ، شهر جي خوبصورتي بحال ڪرڻ ۽ سرڪاري زمين تان ناجائز قبضا ختم ڪرڻ لاءِ هي مهم بنا ڪنهن فرق ۽ دٻاءَ جي جاري رهندي. ضلعي اختيارين موجب مڪلي کان ٺٽو تائين روڊن جي بحالي ۽ صفائي لاءِ هن مهم کي انتهائي اهم قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا اوليت جي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ