بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ڳوٺ مھيندرو جي پار پُھتو

سنڌي خبرون 19th Nov 2024 310 مناظر
پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ڳوٺ مھيندرو جي پار پُھتو

راڻا همير سنگهه سوڍو کوهه جي صفائي دوران فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن سان تعزيت ڪئي

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) پ پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ڳوٺ مھيندرو جي پار پُھتو، کوھ ۾ صفائي دوران فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن سان تعزيت. عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميھندو جي پار ۾ 5 ڏينھن اڳ ۾ کوھ جي صفائي دوران ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويل ٽن ڄڻن حبيب الله سميجو، سڪندر سميجو، ۽ ليمون ڀيل جي وارثن سان ڪالھ پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو پاران ڳوٺ پُھچي پوئينرن سان تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ويو جڏھن ته ان موقعي تي الھوسايو سميجو، ايم سي عمرڪوٽ جي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ