اتوار، 25 اکتوبر 2026
بریکنگ

موهن جو دڙو ڀرسان نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي ورسي اڄ ملھائي ويندي

سنڌي خبرون 19th Nov 2023 452 مناظر

موهن جو دڙو ڀرسان نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي ورسي اڄ ملھائي ويندي

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي 25 هين ورسي سومر ڏينهن ملهائي ويندي. ورسي تقريب ۾ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ سگهڙ اديب شاعر سياسي سماجي ماڻهو شرڪت ڪندا. خبر موجب سنڌ سگھڙن ڀلائي تنظيم جي باني ۽ نامياري سگهڙ مرحوم استاد محمد ملوڪ عباسي جي 25 هين سالياني ورسي سومر ڏينهن موهن جو دڙو ڀرسان سندسس اباڻي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ ملهائي ويندي. ورسي تقريب ۾ سنڌ جا نامور سگھڙ شاعر لوڪ فنڪار سياسي سماجي ادبي صحافي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا. پروگرام جي پھرين نشست جي صدارت ناليوارو شاعر صوبائي سيڪريٽري ماحوليات احمد سلطان کوسو ڪندو. خاص مھمان عشر زڪوات جو صوبائي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتو منورعلي مھيسر ھوندو. ڪانفرنس جي ٻي نشست جي صدارت اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪندو. خاص مھمان اڳوڻو ايم پي اي معظم علي عباسي ھوندو. ان مووقعي تي ناميارا سگھڙ ڏور، ڳجھارت، ڏٺ، پرولي، ڏھس، سينگار ۽ آجيان جي بيتن جا مقابلا ڪندا. رات جو صوفي راڳي صوفياڻو ڪلام ڳائيندا. جڏهن تہ ان لوقعي تي استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2023 پڻ ڏنو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ